ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ سامهون آئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب هڪ هزار رپيا گهٽتائي کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 3 لک 6 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 858 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 62 هزار 345 رپين جو ٿي ويو آهي.
جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 11 ڊالر گهٽجڻ سان 2 هزار 910 ڊالر ٿي وئي.