اسلام آباد: پهرين مارچ کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو آهي.ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، نوان اگهه اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندا.نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 5.31 رپيا في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 50 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۾ گهٽتائي کان پوءِ قيمت وڌي 258.64 رپيا ۽ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 255.63 رپيا ٿي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب، مٽي جي تيل جي قيمت 3.53 رپيا في ليٽر گهٽائي 168.12 رپيا في ليٽر ڪئي وئي آهي.نئين قيمت موجب لائيٽ ڊيزل 2.47 رپيا سستو ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ في ليٽر قيمت 153.34 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.