واشنگٽن : آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ايٽمي ڳالهين جو ڇهون دور آچر تي مسقط ۾ ٿيندو.پرڏيهي خبر ايجنسي موجب، ايراني پرڏيهي وزارت اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ايٽمي ڳالهين جو ڇهون دور آچر تي مسقط ۾ منعقد ٿيندو.ان حوالي سان آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته ايراني ڳالهيون ڪندڙ سخت موقف اختيار ڪري رهيا آهن ۽ اسان ايران سان گهڻو ڪم ڪري رهيا آهيون.آمريڪي صدر چيو ته هن اسرائيلي وزيراعظم سان ايران تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ۽ ايران سان ڳالهيون خميس تي ٿينديون. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته اهي اهڙيون شيون گهري رهيا آهن جيڪي نه ڏئي سگهجن، ايران افزودگي چاهي ٿو، جنهن کي اسان قبول نٿا ڪري سگهون.