وائيس آف سنڌ
سنڌ جو آواز
  • facebook
  • twitter
  • google_plus
  • Email
وائيس آف سنڌ

جن شهرن ۾ بجلي جو بل نٿو جمع ڪرايو وڃي اتي لوڊشيڊنگ ٿيندي رهندي: ناڻي وارو وزير

کی طرف سے ويب ڊيسڪ پر جون 10, 2025

اسلام آباد: ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته جن به شهرن ۾ بجلي جو بل جمع نٿو ڪرايو اتي لوڊشيڊنگ ٿيندي رهندي.

اڪنامڪ سروي پريس ڪانفرنس کان پوءِ سوالن جي جواب ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته ڀارت سان جنگ تي اٿندڙ خرچ وڏو مسئلو نه آهي، ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ اهي خرچ شامل هوندا.

بجلي جي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان هن چيو ته جن علائقن ۾ بجلي جو بل نٿو جمع ڪرايو وڃي اتي لوڊشيڊنگ ٿيندي رهندي. ناڻي واري وزير چيو ته پاسڪو ڪرپشن جو ڳڙهه هو جنهن کي ختم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.

هن وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلين تي ساليانو 6  کان 700 ملين ڊالر خرچ ڪنداسين، آبادي وڌڻ جي 2.55 سيڪڙو شرح جاري رهي ته سوچي وٺو ملڪ جو ڪهڙو حشر ٿيندو، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي تناسب 5 سالن جي بلند ترين سطح تي آهي، 43 وزارتن ۽ 200 ڊيلي ادارن ۾ مرحليوار رائٽ سائزنگ ڪئي ويندي.

In cities where electricity bills are not submitted
  • خاص خبرون
شئیر کریں
متعلقہ اشاعت

برساتن کان پوءِ سموري سنڌ ۾ مليريا جي ڪيسز ۾ رڪارڊ اضافو

اديتا منهنجي ننڍي عمر جي نوڪرياڻي سان زيادتي ڪئي : پوجا

عرب امارات کي شڪست، پاڪستان ۽ ڀارت سپر 4 لاءِ ڪواليفاءِ

ٽڪ ٽاڪ آمريڪا جي وڪري لاءِ ڊيڊ لائين ۾ چوٿون ڀيرو واڌ

بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست نيپرا ۾ جمع

برطانيه پاران ايندڙ هفتي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو امڪان

وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري لنڊن روانو

تبصرے (0)
کمینٹ شامل کریں
  • وائس آف سندھ
  • کیریئر
  • رابطہ کریں
ڈیسک ٹاپ ورژن دیکھیں