ڪراچي کان سوات ويندڙ بس حادثي جو شڪار، 8 مسافر فوت

راولپنڊي: موٽر وي ايم ٽو تي نيله دولهه جي ڀرسان مسافر بس حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي ۽ عورت سميت 8 ڄڻا فوت 15 زخمي ٿي پيا.

اختيارين موجب ڪراچي کان سوات ويندڙ مسافر بس ۾ 43 مسافر سوار هئا، مسافر بس موٽر وي ايم ٽو تي نيله دولهه جي ڀرسان پهتي ته ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري روڊ جو ڪنارو ڪراس ڪندي ڪلٽي ٿي وئي جنهن سبب مسافر بس ۾ ڦاسي ويا.

حادثي ۾ هڪ ٻارڙي، هڪ عورت ۽ 3 مرد مسافرن سميت پنج مسافر ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3 زخمين سميت 18 زخمين کي شروعاتي طبي امداد ڏئي ويجهين اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو جتي سخت زخمي 3 مرد مسافر به زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا.

موٽر وي پوليس اختيارين جو چوڻ هو ته گلاب ڪوچ نان اي سي مسافر بس هئي جيڪا ڪراچي کان سوات وڃي رهي هئي جنهن کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪري سڌو ڪيو ويو ۽ 15 زخمين کي شروعاتي طبي امداد ڏئي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته وڌيڪ ڪارروايون جاري آهن.