سنڌ جي گورنر قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي هڪ سال لاءِ معطل ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

لنڊن: سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري پاڪستاني ٽيم جي بهتري لاءِ سموري ٽيم کي هڪ سال جي لاءِ معطل ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.

لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته ٽيم کي بهتر بنائڻ جي ضرورت  پوي ته انهي کي هڪ سال جي لاءِ معطل ڪرڻ گهرجي، سٺي ڪرڪيٽ ٽيم تنقيد سان نه پر سٺن فيصلن سان تيار ٿيندي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سان عوام جون تمام گهڻيون اميدون هيون ماڻهو پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي ٽي وي تي ويهي ميچ ڏسي رهيا هئا پر قومي ٽيم ڪرڪيٽ جي شوقينن کي تمام گهڻو مايوس ڪيو.

ٻئي طرف پاڪ  فوج تي تنقيد ڪندڙن بابت سنڌ جي گورنر چيو ته پاڪ فوج تي تنقيد ڪندڙ ملڪ جا دوست نٿا ٿي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته برطانيه جو دورو پنهنجي مرضي سان ڪري رهيو آهيان، مان چاهيان ٿو ته پرڏيهي پاڪستاني پنهنجي ملڪ ۾ سرمائيڪاري ڪن، گورنر چيو ته اڄ تائين ڪرپشن جو هڪ به الزام منهنجي مٿان ناهي لڳو