لنڊن : فرانس به امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه مان فلسطينين کي اردن ۽مصر ۾ پناهه ڏيڻ واري تجويز رد ڪري ڇڏي. فرانسيسي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته غزه مان جبري بي دخلي فلسطينين جي لاءِ قبولڻ جوڳي ناهي. فرانسيسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ هو ته اهو نه صرف عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي هوندي پر ٻه رياستي حل جي لاءِ به وڏي رنڊڪ هوندي. سندس چوڻ هو ته اهو قد سندس ويجهن اتحادي مصر ۽ اردن جي لاءِ عدم استحڪام جو ڪارڻ بڻجندو. ٻئي پاسي ايران به امريڪي صدر تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڌمڪيون ۽ جاگرافيائي هيراڦيري سان فلسطينين کي لڏپلاڻ تي مجبور نٿو ڪري سگھجي. ان کان اڳ عرب ليگ، اردن، قطر، اٽلي، اسپين ۽ جرمني به ٽرمپ جي تجويز جي مخالف ڪري چڪا آهن.