ڊينمارڪ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جو پهريون ڪيس داخل

ڪوپن هيگن : ڊينمارڪ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جو پهريون ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ڊينمارڪ جمعي ڏينهن ٻن ماڻهن خلاف هڪ نئين قانون تحت ڪيس داخل ڪيو آهي جيڪو قرآن پاڪ جي بي حرمتي کي غير قانوني قرار ڏئي ٿو.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انهن ماڻهن جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي وئي هئي. پر انهن تي جون ۾ هڪ ميلو دوران قرآن پاڪ جي بي حرمتي جو الزام آهي.مقامي ميڊيا شڪي ماڻهن جي الزامن جي وڌيڪ تفصيل فراهم ناهن ڪيا.