ڊونلڊ ٽرمپ جي خاطري بعد ٽڪ ٽڪ آمريڪا ۾ بحال

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران مهلت ڏيڻ جي خاطري بعد مشهور چيني ايپ، ٽڪ ٽاڪ آمريڪا جي 17 ڪروڙ صارفين لاءِ سروس بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. صدر ٽرمپ چيو آهي ته هو ٽڪ ٽاڪ تي پابندي واري قانون جي لاڳو ٿيڻ واري مدت ۾ واڌ ڪندو جيئن مسئلي جو احسن طريقي سان حل ڪڍيو وڃي. بائيڊن انتظاميا ٽڪ ٽاڪ تي آمريڪي شهرين جي ڊيٽا غلط استعمال جي خدشي سبب بند ڪرڻ جو قانون منظور ڪيو هو. ان قانون کي آمريڪا جي سپريم ڪورٽ جمعي تي برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ آچر کان ان قانون تي عمل ٿيڻو هو. ٽڪ ٽاڪ ڇنڇر تي پنهنجي آمريڪي صارفين لاءِ سروس بند ڪئي هئي جيڪا صدر ٽرمپ جي خاطري بعد بحال ڪئي پئي وڃي. صدر ٽرمپ به ٽڪ ٽاڪ تي اڳ ۾ پابندي جو حامي هو پر هاڻي نرمي جو مظاهرو ڪيو آهي. بائيڊن انتظاميا ٽڪ ٽاڪ کي چيو هو ته هو پنهنجي آمريڪي اپريشن ڪنهن به آمريڪا جي ڪمپني کي وڪرو ڪري يا ايپ بند ڪري. ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ جي ٽڪ ٽڪ خريدڻ جون خبرون به شايع ٿيون هيون. ٽڪ ٽاڪ جي سي اي او، ٽرمپ جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ آمريڪي صدر سان ڊگهي مدت تائين گڏجي ڪم ڪرڻ جو اعلان به ڪيو آهي.

After Donald Trump's sake