مهانگائي سبب پريشان عوام تي وڌيڪ بار پئجي ويو، دوائن جي قيمتن ۾ اضافو

اسلام آباد: وفاقي سرڪار دوائن جي قيمتن ۾ 300 سيڪڙو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب مهانگائي سبب پريشان عوام تي وڌيڪ بار وڌو ويو آهي، ميڊيڪل اسٽورن تي به 70 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويو آهي.مهانگائي جي شرح ڪيترن ئي سالن کان گهٽ ترين سطح تي آڻڻ جي دعويٰ ڪندڙ حڪومت جي هڪ قدم سبب ملڪ ۾ دوائن جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو ٿي ويو.نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب 80 هزار کان وڌيڪ دوائون 200 سيڪڙو کان وڌيڪ مهانگيون ٿي چڪيون آهن، ڪمپنين ٽيڪسز جو سمورو بار عوام تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي.هڪ فارما ايڊووڪيٽ چيو ته دوائن جي مهانگي ٿيڻ جي حساب سان 2024ع بدقسمت ترين سال رهيو، پاڪستان ۾ 80 هزار کان وڌيڪ دوائون مهانگيون ٿي ويون آهن.

Inflation has further burdened the worried public