آءِ ايم ايف سان ڳالهيون جاري آهن، بجلي 10 کان 12 روپيا يونٽ سستي ڪري سگهون ٿا: اويس لغاري

اسلام آباد: توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته اسان جي خواهش آهي ته بجلي جو اگهه 50 روپيا گهٽ ٿئي. آءِ ايم ايف سان اسان جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، ، بجلي 10 کان 12 روپيا يونٽ سستي ڪري سگهون ٿا .

قومي اسيمبلي جي توانائي بابت قائما ڪاميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي اويس لغاري جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان ڪيپٽو پاور پلانٽس تي ڳالهيون هلي رهيون آهن ۽ معاملو پڄاڻي ڏانهن وڌي رهيو آهي.

اويس لغاري جو چوڻ هو ته اسان بجلي جا اگهه 10 کان 12 روپيا گهٽائي سگهون ٿا . هن چيو ته اهو معاملو هن مهيني جي آخر تائين حل ٿي ويندو .هن چيو ته گهريلو واهپيدارن لاءِ بجلي 4 روپيا سستي ٿي چڪي آهي .

Talks are going on with IMF