اسلام آباد: گذريل سال پاڪستان ۾ مختلف سببن جي ڪري ڄاڻي واڻي انٽرنيٽ سروس بند يا معطل ڪرڻ ۽ ايڪس سميت مختلف ايپس بند ڪرڻ سبب معيشت کي هڪ ارب 62 ڪروڙ دالر جو نقصان ٿيو. جيڪو دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ جو وڏي ۾ وڏو نقصان آهي. پاڪستاني معيشت کي ٿيل نقصان جنگ زده برما ۽ سوڊان کان به وڌيڪ آهي. ٽاپ ٽين وي پي اين ڊاٽ ڪام جي رپورٽ موجب 2024 دوران دنيا جي مختلف ملڪن ۾ 88788 ڪلاڪ انٽرنيٽ بند رهي جنهن سبب پوري دنيا کي 7 ارب 69 ڪروڙ ڊالر جو نقصان پهتو. رپورٽ موجب دنيا جي 28 ملڪن ۾ 167 ڀيرا ڄاڻي واڻي انٽرنيٽ بند ڪئي وئي. جيتوڻيڪ فني سببن ڪري به انترنيٽ سروس معطل رهي پر هي نقصان جو اندازو ڄاڻي واڻي بند يا معطل ڪرڻ سبب جي اندازن تي مشتمل آهي. رپورٽ مرتب ڪندڙ اداري جي ريسرچ واري شعبي جي سربراهه سائمن مِگليانو جو چوڻ آهي ته حڪومتي اختياريون ان وڏي خودساختا نقصان جون ذميوار آهن. 2023 ۾ 196 ڀيرا انترنيٽ بد يا معطل ڪرڻ جا واقعا پيس آيا هئا جنهن سبب 79238 ڪلاڪ انترنيٽ بند ٿيڻ سبب دنيا جي 25 ملڪن کي 9 ارب هڪ ڪروڙڊالر جو نقصان ٿيو هو. پاڪستان بابت رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽن مکيه سبب ڪري انٽرنيٽ بند ڪئي وئي جن ۾، چونڊون، احتجاجن ۽ معلومات روڪڻ جا سبب شامل آهن. 9735 ڪلاڪ انترنيٽ معطل رهڻ سبب 8 ڪروڙ 29 لک ماڻهو متاثر ٿيا. فيبروري کان وٺي ايڪس تي پابندي سبب پاڪستان کي سڀ کان گهڻو يعني هڪ ارب 34 ڪروڙ ڊالر جو نقصان ٿيو. رپورٽ موجب 16 جولاءِ کان 21 آگسٽ تائين گوادر ۾ بلوچن جي ڪٺ سبب انترنيٽ بند ڪرڻ سان ٻئي نمبر تي وڏو نقصان ٿيو جيڪو 11 ڪروڙ 80 لک ڊالر جو آهي. انٽرنيٽ جي بندش سبب نقصان جو اندازو آمريڪا ۽ برطانوي ٽنڪ ٽئنڪس جي 2016 ۾ ڪيل اسٽڊيز ۾ واضح ڪيل اصولن موجب لڳايو ويو آهي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر خطي ۾ ڏکڻ ايشيا جا ملڪ، پاڪستان، برما، بنگلاديش ۽ ڀارت شامل آهن. نقصان جي اعتبار سان پاڪستان کانپوءِ ٻئي مبر تي برما آهي جتي 20376 ڪلڪ انٽنيٽ بند رهن سبب نقصان هڪ ارب 58 ڪروڙ ڊالر، ٽئين نمبر تي سوڊان آهي جتي 12707 ڪلاڪ نيٽ بند رهن سبب نقصان هڪ ارب 12 ڪرور ڊالر آهي. چوٿين نمبر تي وينزويلا آهي جنهن جونقصان هڪ ارب 12 ڪروڙ ڊالر ۽ پنجين نمبر تي بنگلاديش آهي جنهن کي 79 ڪروڙ 66 لک ۽ ڀارت کي 32 ڪروڙ 29 لک ڊالر آهي. رپورٽ موجب ايڪس سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل سوشل ميڊيا ويب سائيٽ هئي، مجموعي طور تي 20,322 ڪلاڪ بند رهي، ٻئي نمبر تي ٽڪ ٽاڪ 8,115 ڪلاڪ، سگنل 2,880 ڪلاڪ، فيسبڪ 2,091 ڪلاڪ ۽ انسٽاگرام 2,010 ڪلاڪ بند رهيا.