واشنگٽن: آمريڪا ۽ برطانيا جي مرڪزي رياستن ۾ برفاني طوفان ۽ سخت ٿڌ سبب زندگي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا جي مرڪزي رياستن ۾ سياري جي شدت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ته برفاني طوفان سبب 2 لک 50 هزار کان وڌيڪ صارفين بجلي کان محروم آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب رياست اوهائيو وادي ۾ هڪ فوٽ تائين برف ٿي وئي آهي، واشنگٽن ۾ 9 انچ برفباري ٿي آهي، جنهن سبب اسڪول ۽ سرڪاري آفيسون به بند ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه انگلينڊ، اسڪاٽ لينڊ ۽ اتر آئرلينڊ جي مختلف علائقن ۾ به سخت ٿڌ رڪارد ٿي آهي ۽ گرمي پد فريزنگ پوائنٽ کان به هيٺ هليو ويو آهي. رپورٽ موجب اسڪاٽ لينڊ جي ڪجهه علائقن ۾ گرمي پد ڪاٽو 11 تائين پهچي ويو آهي، اتر آئرلينڊ ۽ انگلينڊ ۾ هزارين گهر بجلي کان محروم آهن، جڏهن ته مانچسٽر ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن معطل ڪيو ويو آهي.