ملڪ معاشي استحڪام کان پوءِ تيزي سان ترقي طرف گامزن آهي: وزيراعظم

اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ معاشي استحڪام کان پوءِ تيزي سان ترقي طرف گامزن آهي.

وزيراعظم شهباز شريف هفتيوار مهانگائي جي شرح وڌيڪ گهٽ ٿي ساڍا 3 سيڪڙو(3.57) سيڪڙو تي اچڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته الله جي فضل وڪرم ۽ معاشي ٽيم جي ڪاوشن جي بدولت مهانگائي جي شرح گذريل ڇهن سالن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي، 4 آڪٽوبر 2018 کان پوءِ اڄ پرائس انڊيڪس گهٽ ترين سطح تي رڪارڊ ڪيو ويو.

هن چيو ته گذريل سال ۾ هلندڙ هفتي جي نسبت اڄ مهانگائي جي شرح ۾ 39.11 سيڪڙو جي وڏي گهٽتائي معاشي ٽيم جي ڏينهن رات محنت جو نتيجو آهي. عوام سان ڪيل پنهنجي هر واعدي تي قائم آهيان، عوام جي پريشانين جي ازالي لاءِ ڏينهن رات محنت جو واعدو ڪيو هو.

شهباز شريف چيو ته بطور ملڪ جي خادم طور تي پنهنجي ڪيل هر واعدي تي قائم آهيان، روزگار جي فراهمي، ملڪي صنعتي ترقي ۽ پرڏيهي سرمائيڪاري ۾ وڌيڪ اضافي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ملڪ معاشي استحڪام کان پوءِ ترقي طرف تيزي سان گامزن آهي.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پرڏيهي ملڪن کان ايندڙ ترسيلات زر، دوست ملڪن کان سرمائيڪاري ۾ اضافو، سفارتي لاڳاپن ۾ استحڪام پاڪستان جي سفر جي عڪاسي آهي. پاڪستان جي ترقي، خوشحالي لاءِ اسان جون سياسي قربانيون رائيگان نه ويون، ملڪي ترقي جي سفر ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.