ڪراچي: هائر ايجوڪيشن ڪميشن ريجنل سينٽر ڪراچي جي ميزبانيءَ ۾ پاڪستان يونيورسٽيز ڊبيٽنگ چيمپيئن شپ جو سنڌ ريجن جو مقابلو اين اي ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچي ۾ اڱاري ڏينهن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي 30 سرڪاري ۽ نجي يونيورسٽين مان 172 کان وڌيڪ شاگردن حصو ورتو. کٽيندڙن کي نقد انعام، شيلڊز ۽ شرڪت جا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.
تقريب جي افتتاحي سيشن ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي جي قائم مقام وائيس چانسلر، پروفيسر ڊاڪٽر نعمان احمد مهمان خاص طور شرڪت ڪئي.
اردو ۽ انگريزي سيشنز جي اختتامي تقريبن ۾ اِيچايسي جي ميمبر (ڪميشن) پروفيسر ڊاڪٽر سروش حشمت لوڌي ۽ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ڪراچي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين ميمڻ مهمانِ خاص طور تي شرڪت ڪئي.
انگريزي ڊبيٽ مقابلي ۾ يونيورسٽي آف ماڊرن سائنسز، ٽنڊو محمد خان ۽ اردو ڊبيٽ مقابلي ۾ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ڄامشورو پهريون انعام حاصل ڪيو، جن کي ٽرافيز ۽ 100,000 رپين جا انعام ڏنا ويا.
اردو ڊبيٽ ۾ ٻيو نمبر لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز، ڄامشورو حاصل ڪيو، جڏهن ته ٽيون نمبر پيپلز يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز، نوابشاهه حاصل ڪيو.
انگريزي ڊبيٽ ۾ ٻئي نمبر تي گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي، حيدرآباد ۽ ٽئين نمبر تي سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي آيا. ٻئي ۽ ٽئين نمبر حاصل ڪندڙن کي پڻ ٽرافيز ۽ ترتيبوار 80,000 ۽ 60,000 روپين جا انعام ڏنا ويا.
تقريب جي شروعاتي خطاب ۾ اِيچايسي ريجنل آفيس سنڌ، ڪراچي جي ڊائريڪٽر جنرل نذير حسين پاڪستان يونيورسٽيز ڊبيٽنگ چيمپيئن شپ جي اهميت تي روشني وڌي.
اردو مقابلي جي مهمانِ خاص پروفيسر ڊاڪٽر سروش حشمت لوڌي کٽيندڙ ٽيمز کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستاني نوجوانن ۾ بيحد صلاحيتون موجود آهن. اردو مقابلي جي ٻئي مهمانِ خاص پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين ميمڻ چيو ته هي ڊيبٽنگ چيمپيئن شپ رڳو مقابلو نه آهي، پر اهو مستقبل جي اڳواڻن، مفڪرن ۽ تبديلي آڻيندڙن جي تربيت لاءِ هڪ بهترين ميدان آهي.
سنڌ ريجنل رائوننڊ جا کٽيندڙ ايندڙ مهيني اسلام آباد ۾ ٿيندڙ قومي مقابلي ۾ شرڪت ڪندا.