اعظم سواتي بطور وزير ڪو سٺو ڪم نه ڪيو: جسٽس مندوخيل

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ اختيارن جي ناجائز استعمال تي اعظم سواتي خلاف پاڻمرادو نوٽيس کي اڪلايو ويو،پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي خلاف اختيارن جي ناجائز استعمال خلاف پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته اعظم سواتي خلاف دهشتگردي جي واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. فوجداري ڪيس ۾ اعظم سواتي جي ملڪيتن جو معاملو ڪٿان آيو؟جسٽس امين الدين خان چيو ته لاڳاپيل کاتو اعظم سواتي جي ٽيڪس يا ملڪيتن جي معاملي کي ڏسن.جسٽس مندوخيل چيو ته اعظم سواتي وزير طور ڪو به سٺو ڪم ناهي ڪيو.پبلڪ پراسيڪيوٽر چيو ته فوجداري ڪيس جو ٽرائل هلي رهيو آهي.جسٽس مندوخيل چيو ته ڪرمنل ٽرائل هلي رهيو آهي ته ٺيڪ آهي.جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اعظم سواتي تي وزير طور عهدي جو غلط استعمال ڪرڻ جو الزام آهي.جسٽس مسرت هلالي چيو ته اعظم سواتي پاڻ ڪٿي آهي؟ جسٽس امين الدين خان چيو ته اعظم سواتي جو وڪيل وڊيو لنڪ تي موجود آهي، جيڪڏهن ڪو متاثر ڌر آهي ته اعظم سواتي خلاف متبادل فورم سان رجوع ڪري.