اوهان کي ڪير ٽريڪ ڪري رهيو آهي؟ گوگل ٻڌائيندو

نيويارڪ : اينڊرائيڊ ڊيوائسز ۾ اوهان پنهنجي فون جي لائيو لوڪيشن مختلف ذريعن سان شيئر ڪري سگهو ٿا، انهن مان هڪ ذريعو گوگل ميپ ايپ پڻ آهي. گوگل طرفان هاڻ اِهو فيچر سڌي ريت اينڊرائيڊ جو حصو بڻايو پيووڃي، يعني اوهان سيٽنگز مينيو ذريعي لائيو لوڪيشن شيئر ڪري سگهندا. هڪ رپورٽ موجب، گوگل پلي اسٽور جي تازه ترين ورزن ۾ اِهو فيچر سامهون آيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اينڊرائيڊ ڊيوائسز جي سيٽنگز ۾ وڃي گوگل ۽ وري آل سروسز ۾ وڃي لوڪيشن شيئرنگ تي ڪلڪ ڪريو. اِهو هڪ نئون پيج آهي جنهن ۾ يوز لوڪيشن شيئرنگ آن اينڊ آف جو آپشن نظر ايندو جيڪو اوهان ٽرن آن يا آف ڪري سگهو ٿا. جڏهن اوهان سيٽنگ ٽرن آن ڪندئو ته پوءِ لائيو لوڪيشن جي لنڪ ڪاپي ڪرڻ جو آپشن نظر ايندو، اوهان اِها لنڪ پنهنجي ويجهن دوستن سان شيئر ڪري سگهو ٿا جيڪي اوهان کي گوگل ميپس تي ٽريڪ ڪري سگهن ٿا. اتي اوهان اِهو به ڏسي سگهو ٿا ته ڪهڙن ماڻهن کي اوهان جي لوڪيشن تائين پهچ حاصل آهي جڏهن ته اوهان اِهو فيچر ٽرن آن ڪندئو ته اينڊرائيڊ ڊيوائس ۾ هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي آگاهه ڪيو ويندو ته اوهان پنهنجي لوڪيشن شيئر ڪري رهيا آهيو. في الحال اِهو فيچر محدود واهپيدارن کي دستياب آهي، جيڪو هوريان هوريان سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.

Google tell who track you