سعودي عرب پنهنجي 3 شهرين کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي

رياض : سعودي عرب ۾ غداري جي الزام ۾ 3 سعودي شهرين کي موت جي سزا ٻڌائي وئي.سعودي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جن شهرين کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي انهن جو تعلق ٽنهي شهرين دهشتگرد تنظيمن سان هو. عرب ميڊيا موجب انهن ٽنهي جوابدارن ۾ حنفيس الهدلي، مجدي بن محمد بن عطين الڪعبي ۽ رياض بن عامر بن مطر بن الڪعبي شامل آهن.سعودي گهرو وزارت موجب ٽنهي جوابدارن تي دهشتگرد تنظيمن جي مدد ڪرڻ ۽ دهشتگرد سوچ اختيار ڪري خونريزي جو حصو بڻجڻ جو الزام آهي.جوابدارن تي ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جو وڌيڪ الزام هو جڏهن ته ٽنهي کي آچر تي رياض ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي.