سرڪاري ملازمن جي سوشل ميڊيا ايپس استعمال ڪرڻ تي پابندي

اسلام آباد: وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن تي بغير اجازت سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ان ڏس ۾ باضابطه طور آفيس آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي. آفيس ميمورينڊم ۾ سرڪاري ملازمن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو سوشل ميديا تي سياسي يا ريستي معاملن بابت بحث ۽ تبصري کان پاسو ڪن. سرڪاري معلومات ۽ دستاويز شيئر ڪرڻ تي به پابندي هوندي. سرڪاري ملازمن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو گورنمينٽ سرونٽ (ڪنڊڪٽ) رولز 1964ع جي پاسداري ڪن. سرڪاري ملازمن تي اها به پابندي آهي ته هو ڪو اهڙو عمل نه ڪن جنهن سان حڪو مت جي ساک متاثر ٿئي يا دوست ملڪن سان لاڳاپن تي ڪو اثر پوي. سڀني سرڪاري کاتن ۽ ادارن جي سربراهن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي پنهنجي ملازمن جي نگراني ڪن ۽ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.