ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ نئين مالي سال جي بجيٽ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاڪارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ لاڳاپيل سيڪريٽريز شرڪت ڪئي.ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته هو بجيٽ تي صلاح مشوري لاءِ ڪابينا ميمبرن سان مشاورت ڪرڻ چاهي ٿو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي هر ضلعي کان بجيٽ تجويزون ورتيون ويون آهن.سيد مراد علي شاهه چيو ته نئين بجيٽ ۾ پاڻي، نيڪالي، سولر انرجي، تعليم، صحت، زراعت ۽ صنعتي ترقي کي ترجيح ڏني ويندي، جڏهن ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي، اسڪولن ۽ اسپتالن جي مرمت جو سلسلو پڻ جاري رهندو.هن چيو ته هلندڙ مالي سال دوران ڪا به نئين اسڪيم شروع نه ڪئي وئي هئي، حڪومت وڌ کان جاري اسڪيمون مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ايندڙ سال لاءِ چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت تي نيون اسڪيمون شامل ڪري رهيا آهيون.وڏي وزير چيو ته سڀني کاتن، انهن جي ماتحت ادارن ۽ ضلعن مان نيون تجويزون ملي چڪيون آهن، نئين بجيٽ ۾ غربت جي خاتمي، سماجي تحفظ، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي نون منصوبن، اسپتالن جي بهتري ۽ ڪراچي جا ٽرانسپورٽ منصوبا مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويندو.ان دوران ڪابينا جي ميمبرن وڏي وزير کي تجويزون ڏيندي غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي جي سفارش ڪئي.اجلاس دوران تجويز ڏني وئي ته مڪاني ادارن کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، لوڪل گورنمينٽ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي، ۽ نئين سال ۾ ڊجيٽل ڪيش ٽرانسفر نظام کي وڌيڪ سرگرم بڻايو وڃي.ڪابينا ميمبرن سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ کي نون ضلعن تائين وڌائڻ، بجلي لاءِ سولر سسٽم کي مضبوط ڪرڻ، مختلف ضلعن ۾ بس اڏن جي اڏات بابت تجويزون پڻ پيش ڪيون.وڏي وزير چيو ته عيد کانپوءِ وڌيڪ اجلاس ڪري بجيٽ جي تجويزن کي حتمي شڪل ڏني ويندي.