لاهور : لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (ليسڪو) 30 جون تائين بجلي جي بلن جي قسطن ۾ ادائيگي تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.ليسڪو عملدارن موجب، هي پابندي جون ۾ وصولي جي هدف کي پورو ڪرڻ لاءِ لاڳو ڪئي وئي آهي. ڪمپني اپريل کان وٺي پنهنجي مقرر ڪيل وصولي جي هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي آهي.ليسڪو عملدارن موجب، سرڪاري ادارن کي عدم ادائيگي لاءِ آخري نوٽيس پڻ ڏنا ويا آهن. جيڪو به ادارو بل ادا نه ڪندو ان جو ڪنيڪشن ڪٽيو ويندو.