عورتون ڪڏهن به پنهنجي خاندان لاءِ بار نه هونديون آهن، اميتاڀ بچن

ممبئي : بالي ووڊ سپر اسٽار اميتاڀ بچن ڪوئز شو ڪون بنيگا ڪروڙ پتي سيزن 16 جي تازي قسط ۾ هڪ مقابلي ۾ ڳالهائيندي چيو ته عورتون ڪڏهن به پنهنجي خاندان تي بار نه هونديون آهن.بالي ووڊ سپر اسٽار اها ڳالهه تڏهن چئي جڏهن مقابلي ۾ حصو وٺندڙ ڪرشنا سيلوڪر کيس ٻڌايو ته انجنيئرنگ جي ڊگري هجڻ جي باوجود هن ڪورونا وائرس لاڪ ڊائون دوران نوڪري وڃائي ڇڏي.ان موقعي تي هن پنهنجو پاڻ کي غير شادي شده عورت سان تشبيهه ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مان چوان ته اڻ شادي شده ڇوڪري خاندان تي بار آهي ته پوءِ عمر بھر بيروزگار مرد به بار آهي.ان موقعي تي اميتاڀ بچن ڪرشنا سيلوڪر کي ٽوڙيندي چيو ته عورتون ڪڏهن به پنهنجي خاندان تي بار نه هونديون آهن.هن مقابلي ۾ حصو وٺندڙ کي چيو ته مان توهان کي هڪ ڳالهه ٻڌايان ته ڇوڪري ڪڏهن به بار نه هوندي آهي، پر هوءَ وڏي شان هوندي آهي.

Women are never a burden to their families