فوج جاچ ڪري رهي آهي، فيض حميد جي گرفتاري کانپوءِ معاملا اڳتي وڌندا: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد : سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته هڪ سياسي ليڊر ملڪ ۾ بدامني پکيڙي ۽ جنرل (ر) فيض ان سازش جو حصو هو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته نواز شريف جي قيادت ۾ ن ليگ سدائين عوام جي خدمت ڪئي، حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ ڪئي آهي.
هن چيو ته پاڪ فوج ۾ خود احتسابي جو پنهنجو مڪينزم آهي، هڪ سياسي ليڊر ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ ورهاست جي رياست کي هٿي ڏني، هن ملڪ ۾ بدامني پکيڙي ۽ ملڪي سلامتي خلاف سازشون ڪيون، جنرل رٽائرڊ فيض حميد ان سازش ۾ شامل هو.
سندس چوڻ هو ته دهشتگردن کي واپس ڪنهن آندو؟ فوج پنهنجي معاملن جي شفاف جاچ ڪري رهي آهي، ملڪ جي امن کي نقصان پهچائيندڙن جو اهو ئي انجام هوندو آهي، ثاقب نثار هجي يا جيڪو به، فيض حميد جي گرفتاري کانپوءِ معاملا اڳتي وڌندا.

after the arrest of Faiz HameedThe army is investigating