ڪرونا وائرس جي وبا ۽ اسان سڀني جي ذميواري

چين جي شهر ووهان مان سڄي دنيا ۾ پکڙجندڙ ڪرونا وائرس ڏسندي ئي ڏسندي سڄي دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي ، فيبروري 2020 کان شروع ٿيل هن وائرس سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائي ورتيون آهن ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا جي معيشت کي ڊانواڊول ڪري ڇڏي آيو آهي. ڪرونا وائرس کانپوءِ لڳايل لاڪ ڊائون سبب ڪاروبار بند ۽ زندگي جا مڙئي وهنوار هڪ جاءِ تي بيهجي ويا آهن. ڪرونا وائرس سبب جتي ننڍن ننڍن ملڪن کي جاني توڙي مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو آهي اتي دنيا جي وڏا وڏا طاقتور ملڪ به هن وائرس کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آهن ۽ هي بنا ڪنهن وقفي جي وڌندو رهي ٿو ۽ ماڻهن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻيندو رهي ٿو. هي وائرس جيئن ته ماڻهو کان ماڻهو ۾ پکڙجي ٿو ان ڪري ان کان بچڻ جو رڳو هڪڙو ئي طريقو ٻڌايو ويو آهي ته اهو آهي سماجي وِٿي. سڄي دنيا هن وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ سماجي وٿي کي اختيار ڪيو آهي . پاڪستان ۾ به هن وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ شروع کان وٺي لاڪ ڊائون جي صورت ۾ احتياط کان ڪم ورتو ويو آهي پر پوءِ به ملڪ ۾ ٻاهران آيل ڪرونا جي مريضن وسيلي هي مرض ملڪ ۾ عام ٿيندو پيو وڃي. شروعات طورتي ٽي مهينا سخت لاڪ ڊائون ۽ ماڻهن جي گهرن ۾ رهڻ ڪري ڪيسز تي گهڻي ڀاڱي ضابطو رهيو پر هينئر مارڪيٽ ، بازارون، ٽرانسپورٽ ۽ ٻيا ڪاروبار کلڻ سبب هن مرض جي وڌيڪ پکڙجڻ جو به انديشو پنهنجي جاءِ تي موجود آهي . هاڻوڪي صورتحال ۾ ملڪ ۾ رهندڙ هر ماڻهو جو اهو فرض آهي ته اهو پنهنجي حصي جي ذميواري نڀائيندي ڪرونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ٻڌايل اپاءَ ضرور وٺي . هن مرض جو سڀ کان وڌيڪ اثرائتو علاج رڳو احتياط ئي آهي ۽ اسان مڙني کي هن مرض کان پاڻ، پنهنجي ڪٽنب، دوستن ، ساٿين کي بچائڻ لاءِ احتياط جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو ، اسان کي بنا ڪنهن ضرورت جي گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو، مجبوري ۾ جيڪڏهن ٻاهر نڪرجي ته منهن تي ماسڪ پائي ۽ هٿن ۾ گلووز پائي نڪرجن ۽ ماڻهن سان ملڻ کان پاسو ڪجي . اسان سڀ جيڪڏهن ان احتياط کي اختيار ڪري وٺنداسين ته هي وائرس اسان کي گهڻو نقصان پهچائي نه سگهندو.