آءِ فون لاڪ کولڻ لاءِ نئين ٽيڪنالوجي جو استعمال

آءِ فون يا سمارٽ فون واهپيدار پنهنجي ڊيوائسز کي ان لاڪ ڪرڻ لاءِ پاس ورڊز، فيس لاڪ يا وري فنگر پرنٽس جو استعمال ڪندا آهن پر هاڻ آءِ فون واهپيدار پنهنجي ڊيوائسز ان لاڪ ڪرڻ لاءِ دل جي ڌڙڪن جو استعمال ڪري سگهندا.
ٽيڪنالوجي ويب سائيٽ موجب، ايپل آءِ واچ ۾ اليڪٽرو ڪارڊيو گرام ( اي سي جي ) فيچر ذريعي واهپيدار جي دِل جي ڌڪ ڌڪ کي مانيٽر ڪيو ويندو پر فلحال ايپل هڪ اهڙي ٽيڪنالوجي تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن ذريعي ايپل گهڙي پائڻ سان واهپيدار نئين هارٽ لاڪ فيچر ذريعي پنهنجي ايپل ڊيوائسز کي به لاڪ ڪري سگهندا.
رپورٽ موجب، هر شخص جي دل جي ڌڙڪن مختلف هوندي آهي جنهن ذريعي اليڪٽرانڪ ڊيوائسز جي بائيو ميٽرڪ سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نئين هارٽ لاڪ فيچر ۾ هڪ اهڙي ٽيڪنيڪ کي شامل ڪيو ويو آهي جيڪو محفوظ انداز ۾ ڊيوائسز ان لاڪ ڪرڻ لاءِ تصديق يا سڃاڻپ دل جي ڌڙڪن جي بنياد تي ڪندو.
نئين ٽيڪنالوجي هڪ اهڙي اليڪٽرانڪ ڊيوائس سان تيار ڪئي وئي آهي جيڪا سينسر جو استعمال ڪندي واهپيدار جي cardiac activity ۽ cardiac electrical signals جو پتو لڳائي ٿي ۽ پوءِ سنگلز جو استعمال ڪندي اليڪٽرانڪ ڊيوائس ان لاڪ ڪرڻ لاءِ سڃاڻپ جو عمل شروع ڪندي آهي.
ياد رهي ته ايپل واچز ۾ اي سي جي سينسر سان گڏ اهڙو فيچر پهريان کان موجود آهي جنهن ذريعي واهپيدار جي دل جي ڌڙڪن کي مانيٽر ڪيو ويندو آهي.