اليڪشن ٽربيونلز ڪيس: لارجر بينچ ۾ چيف جسٽس جي شموليت تي اعتراض رد

اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي وڪيل اليڪشن ٽربيونلز ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ ۾ چيف جسٽس جي شموليت تي اعتراض واري ڇڏيا.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بينچ لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ خلاف اليڪشن ڪميشن جي اپيل جي ٻڌڻي ڪئي.

سلمان اڪرم راجا جي وڪيل حامد خان التوا جي درخواست داخل ڪري ڇڏي. جڏهن ته تحريڪ انصاف جي وڪيل نيازالله نيازي بينچ ۾ چيف جسٽس جي شموليت تي اعتراض واريندي چيو ته منهنجي موڪل جو اعتراض آهي ته چيف جسٽس بينچ جو حصو نه هجي.

چيف جسٽس اعتراض کي رد ڪندي چيو ته ساڳيو ئي بينچ ٻڌڻي ڪندو. چيف جسٽس چيو ته اوهان جو اعتراض ٻڌي ورتو آهي، اوهان تشريف رکو،  هي اليڪشن ڪميشن ۽ چيف جسٽس جي وچ جو معاملو آهي، ڪنهن پرائيويٽ ماڻهو کي انهي معاملي ۾ ايتري  دلچسپي ڇو آهي.؟