عرب يوٽيوبر ۽ ڀارتي اداڪارا جو مڱڻو، مداح حيران رهجي ويا

ڪراچي: مشهور عرب يوٽيوبر خالد العامري ۽ ڀارتي اداڪارا سنائينا جي مڱڻي جو خبرون وائرل آهن.

خالد العامري ۽ سلميٰ محمد يوٽيوب جي دنيا جو هڪ وڏو نالو بڻجي ويو هو، انهي جوڙي کي يوٽيوب واهپيدارن طرفان بي حد پسند ڪيو ويندو هو

اها جوڙي سدائين هڪ ٻئي سان کل ڀوڳ ڪندي نظر ايندي هئي، پر هلندڙ سال جي شروعات تي جوڙي جا مداح ان وقت حيران رهجي ويا، جڏهن ٻنهي جي طلاق جي خبر سامهون آئي.

تازو ئي خالد العامري انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ جاري ڪئي، جنهن ۾ سندس هٿ ۾ هڪ عورت جو هٿ به ڏسي سگهجي ٿو ۽ ٻنهي هٿن ۾ مڱڻي جي منڊي به نظر اچي رهي آهي.

يوٽيوبر پوسٽ ۾ خالد العامري ”الحمد الله“ لکي ڪري پنهنجي پهرين گهرواريءَ بعد نئين عورت سان مڱڻي يج تصديق ڪئي.

انهي پوسٽ بعد ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته دبئي ۾ ترسيل يوٽيوبر خالد العامري پهرين گهرواري ۽ يوٽيوبر سلميٰ محمد سان طلاق بعد تامل فلم انڊسٽري سان لاڳاپيل اداڪارا سنائينا سان مڱڻو ڪري ورتو آهي.

هونئن ته يوٽيوبر پنهنجي مڱيندي جي سڃاڻپ واضح ناهي ڪئي،پر ڀارتي ميڊيا سنائينا جي ئي هڪ انسٽاگرام پوسٽ مان لڳايو آهي.

ڀارتي خابرو ادارو خالد العامري ۽ ڪولي ووڊ اداڪارا جي مڱڻي جي دعويٰ ڪندي دليل طور تي هڪ ٻي ڳالهه به پيش ڪري رهيو آهي ته ٻئي ڄڻا چنائي ۾ موجود آهن ۽ امڪاني طور تي هو مڱڻي جي سلسلي ۾ ئي آيل هجن.

يوٽيوبر کي سوشل ميڊيا تي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ته مداح سلميٰ محمد سان به همدري جو اظهار ڪندي نظر اچي رهيا آهن.

Engagement of Arab YouTuber and Indian actress