اسپيس ايڪس وڌيڪ 23 اسٽار لنڪ سيٽلائيٽس خلا ۾ موڪلي ڇڏيا

فلوريڊا : آمريڪي ٽيڪنالوجي فرم اسپيس ايڪس وڌيڪ 23 اسٽار لنڪ سيٽلائيٽس ڌرتي جي مدار ۾ موڪلي ڇڏيا.ارب پتي ڪاروباري شخصيت ايلون مسڪ ٽيڪنالوجي ڪمپني اسپيس ايڪس فلوريڊا جي ڪپ ڪيناويرل اسپيس اسٽيشن تان فالڪن 9 راڪيٽ ذريعي 23 اسٽار لنڪ سيٽلائيٽس ڌرتي جي مدار ۾ موڪليا. اسپيس ايڪس ڌرتي جي مدار ۾ موڪليل 23 سيٽلائيش جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته اِهو عمل هڪ ڪلاڪ اندر ئي مڪمل ڪيو ويو هو.