صدر آصف علي زرداري فنانس بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي، صدر جي صحيح کان پوءِ بل قانون بڻجي ويو
فنانس بل جي منظوري واري ڪاپي پارليامينٽ کي اماڻي وئي، 18 هزار 877 ارب رپين جي ڪاٿي واري نئين وفاقي بجيٽ پهرين جولاءِ کان لاڳو هوندي
فنانس بل تحت مختلف ٽيڪسز ۽ ڊيوٽيز ۾ تبديلي ڪئي وئي، فنانس بل تي عمل سان 200 ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ٿيندا
ذريعن موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان گذريل ڏينهن فنانس بل 2024ع صدر کي اماڻيو هو