بلوچستان ۾ برسات، 6 ڄڻا فوت، لينڊ سلائيڊنگ سبب هزارين گاڏيون ڦاٿل

ڪوئٽه: بلوچستان ۾ 5 ڏينهن کان جاري تيز برساتن سبب 6 ڄڻا فوت جڏهن ته 25 زخمي ٿي پيا آهن. ڪوهه سليمان رينج ۾ ڪجهه هنڌن تي لينڊ سلائيڊنگ به ٿي آهي.

تيز برساتن سبب بلوچستان کي ڊيره اسماعيل خان سان ملائيندڙ اين 70 هاءِ وي دانه سر جي هنڌ تي ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي جنهن سبب هاءِ وي تي وڏي انگ ۾ گاڏيون ڦاسي ويون آهن.

پي ڊي ايم اي اختيارين پشاور، سوات، اسلام آباد ۽ پنڊي کان ايندڙ ٽرانسپورٽ ڊيرا اسماعيل خان تي بيهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

تيز برسات سبب بلوچستان کي خيبرپختونخواهه سان ملائيندڙ اين 70 هاءِ وي دهاناسر ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪئي وئي آهي جنهن سبب هاءِ وي تي وڏي انگ ۾ گاڏيون ڦاسي ويون، تيز برسات سبب ٿيندڙ مختلف حادثن ۾ 6 ڄڻا فوت، 25 زخمي ٿي پيا آهن.

ٻئي طرف موسميات کاتي اڄ اسلام آباد، مري، گليات، گوجرانوالا، نارووال، سيالڪوٽ، بالا ڪوٽ، مانسهره، ايبٽ آباد، سوات، خضدار، آواران، لسبيله ۽ آزاد ڪشمير ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

6 people diedRains in Balochistan