نقوي کي نااهل قرار ڏيڻ واري دروخواست تي وڪيل کي تياري جي هدايت

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي سينيٽ جي سيٽ تان نااهل قرار ڏيڻ واري اعتراض واري درخواست جي تياري لاءِ درخواستگذار کي وقت ڏيندي ٻڌڻي 4 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس شجاعت علي خان اعتراض واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. رجسٽرار آفيس لاهور هاءِ ڪورٽ درخواستگذار تي غير متاثر ڌر جو اعتراض اٿاريو هو.