آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير ذميواريون پوريون ڪيون: مسعود خان

واشنگٽن : آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان جو چوڻ آهي ته هن آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير طور پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون آهن. آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان الوداعي پيغام جاري ڪيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته مارچ 2022ع کان پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون آهن، ان حوالي سان هو آمريڪي انتظاميا، ڪانگريس، رياستي حڪومتن ۽ اسيمبلين جا شڪر گذار آهن. سفير مسعود خان چيو ته مان عالمي مالياتي ادارن، ٿنڪ ٽينڪس، ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ نجي شعبي ۾ امريڪي دوستن جو ٿورائتو آهيان.