جهاز حادثي جي جاچ آخري مرحلي ۾ داخل

ڪراچي : جهاز حادثي جي جاچ آخري مرحلي ۾ داخل، ٽيم سومر تي واپس رواني ٿي ويندي، ماڊل ڪالوني ڪراچي۾ ڪِري تباهه ٿيل پي آءِ اي جي جهاز واري معاملي جي جاچ جاري آهي، فرانسيسي ٽيم ڪالهه پنجين ڏينهن به حادثي واري جاءِ تي پهچي جائزو ورتو ۽ ڊرون ڪيمرائن ذريعي ٿڪس بندي ڪئي. ذريعن موجب فرانسيسي ٽيم جي جاچ آخري مرحلي ۾ آهي، ٽيم سومر تي واپس رواني ٿي ويندي، ٽيم پاڻ سان گڏ بليڪ باڪس ۽ انجڻ جا اهم حصا به کڻي ويندي، ڪاڪ پٽ وائيس رڪارڊر ۽ ڊيٽافلائيٽ رڪارڊر کي فرانس ۾ ئي ڊي ڪوڊ ڪيو ويندو، ايئر ڪرافٽس انويسٽيگيشن بورڊ جي پاڪستاني ٽيم جو هڪ ميمبر به ٽيم سان گڏ ويندو