اميد آهي ته اسان کي 77 سيٽون ملنديون: گوهر خان

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي چيو آهي ته پراميد آهيون ته اسان جون 77 سيٽون کٽينداسين.سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ اميدوارن جون لسٽون اليڪشن ڪميشن کي ڏنيون آهن.هن چيو ته 13 جنوري تي سپريم ڪورٽ اسان کان عهدو کسي ورتو هو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ معاملو اڳتي نه وڌيو.بئريسٽر گوهر علي جو چوڻ آهي ته آرٽيڪل 51 موجب ڪا به پارٽي حاصل ڪيل سيٽن کان وڌيڪ سيٽون حاصل نٿي ڪري سگهي.چيئرمين پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته اهي مخصوص سيٽون اسان جي پارٽي جو حق آهن.