پاڪستان جون هٿياربند فوجون پنهنجي وقار ۽ عزت کي هر قيمت تي برقرار رکڻ جو عهد ڪن ٿيون:پاڪ فوج ترجمان

پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته 9 مئي سانحي جي ذميوارن سان ڪو به سمجهوتو نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستان جون هٿياربند فوجون پنهنجي وقار ۽ عزت کي هر قيمت تي برقرار رکڻ جو عهد ڪن ٿيون

 آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب قومي تاريخ جي هن ڪاري ڏينهن تي برين واش ٿيل شرپسندن هڪ بغاوت ڪئي ۽ ڄاڻي واڻي رياستي ادارن خلاف تشدد جو سهارو ورتو

ترجمان موجب  شرپسندن ڄاڻي واڻي رياست جي مقدس علامتن ۽ قومي ورثي جي ماڳن تي ڀڃ ڊاهه ڪئي، شرپسندن جو مقصد ملڪ ۾ هٿ ٺوڪيو ۽ تنگ نظر انقلاب آڻڻ جي ناڪام ڪوشش هو، پاڪ فوج جي پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هٿياربندن فوجن انتهائي صبر جو مظاهرو ڪندي تخريبڪارن، سندن سربراهن ۽ منصوبا سٽيندڙن جي ڪڌي ڪوشش کي ناڪام بڻايو

آءِ ايس پي آر موجب شرپسندن جو بنيادي مقصد افراتفري پکيڙي عوام ۽ هٿياربند فوجن وچ ۾ ٽڪراءَ کي هٿي ڏئي ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ هو، شرپسند ڌرين 9 مئي بابت بيانيي کي ٽوڙي مروڙي پاڻ کي ان کان آجو ڪرڻ ۽ رياستي ادارن تي الزام مڙهڻ جي ڪوشش به ڪئي

پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته 9 مئي جي اصل ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي اهو يقيني بڻائڻو آهي ته آئنده ڪير به قومي هيروز جي يادگارن جي بي حرمتي ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهي

هن چيو ته  اڄوڪي ڏينهن هٿياربند فوجون پاڪستان جي اندروني ۽  بيروني دشمنن جي ڪڌن ارادن کي ناڪام بڻائڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪن ٿيون، اسان جا شهيد ۽ هنن جا خاندان اسان جو فخر آهن، پاڪ فوج جو پاڪستاني عوام سان انتهائي خاص رشتو آهي