اداڪاري کان اڳ مريم نواز لاءِ ڪپڙا ٺاهيندي هيس: صبا قمر

ڪراچي: نامياري اداڪاره  صبا فيصل انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ اداڪاري جي ميدان ۾ اچڻ کان اڳ ڪپڙن جو ڪم ڪندي هئي ۽ هن پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ سندس امڙ ڪلثوم نواز جا ڪپڙا ٺاهيا

هڪ انٽرويو دوران صبا فيصل جو چوڻ هو ته اداڪاري جي شعبي ۾ اچڻ کان اڳ سندس ڪپڙن جي هڪ فڪيٽري هئي، جنهن ۾ هو مريم نواز ۽ ڪلثوم نواز لاءِ ڪپڙا ٺاهيندي هئي. هن چيو ته اداڪاري ۾ اچڻ کان پوءِ کيس ڪراچي منتقل ٿيڻو پيو، جنهن جي ڪري کيس ڪپڙن جي فيڪٽري بند ڪرڻي پئي

هن ٻڌايو ته کيس شريف خاندان جا ڪپڙا ٺاهڻ جو ڪم ڪلثوم نواز جي ڀيڻ ذريعي مليو هو. هن چيو ته مون مريم نواز ۽ ڪلثوم آپا ٻنهي لاءِ ڪپڙا ٺاهيا آهن انهن کي منهنجا ڪپڙا خاص ڪري منهنجي ڪلر اسڪيم تمام گھڻي پسند ايندي هئي. منهنجن ڪپڙن تي هٿ جو ڀرت ٿيل هوندو هو، جيڪو کين تمام گھڻو پسند هو

هن ٻڌايو ته حمزه ۽ مريم کان ننڍي ڀيڻ جي شادي گڏ ٿي هئي. ان دوران مون سندن ڏاج ۽ ڪنوار جا وڳا پاڻ ٺاهيا هئا. هن ٻڌايو ته ڪلثوم نواز به هڪ ڀيرو منهنجي گھر آئي هئي ۽ هن منهنجي ڪپڙن جي واکاڻ ڪئي هئي. هوءَ ڏاڍي همدرد، نرم دل، نفيس ۽ خوبصورت عورت هئي