ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ملوث 3 ڀارتي شهري گرفتار

ٽورنٽو: ڪينڊا جي پوليس سک عليحدگي پسند اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر جي قتل ڪيس ۾ 3 ڀارتي شهرين کي گرفتار ڪري ورتو.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ موجب پوليس سپرنٽينڊنٽ منديپ موڪر پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر جي قتل ڪيس ۾ ٽنهي جوابدارن تي قتل ۽ قتل جي ارادي بابت فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

جوابدارن جي سڃاڻپ 22 ورهين جي ڪرن برار، 22 ورهين جو ڪمل پريت سنگهه ۽ 28  ورهين جي ڪرن پريت سنگهه جي نالي سان ٿي جيڪا صوبي البرٽا جي شهر ايڊمنسٽس جو رهواسي آهي. هن پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ جي لاءِ پنهنجو حليو به تبديل ڪيو هو. جوابدار 3 کان 5 سال اڳ ڀارت کان ڪينيڊا آيو هو.

ڪينيڊين پوليس جوابدارن جي خلاف مودي حڪومت سان لاڳاپن جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي. جڏهن ته انهي واقعي جي جاچ ۾ آمريڪا جون به پرڏيهي سيڪيورٽي ايجنسيون به تعاون ڪري رهيون آهن.

ياد رهي ته 45 سالن جي هرديپ سنگهه نجر کي جون 2023 ۾ ڪينيڊا جي شهر وينڪووور ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو. ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو انهي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جو الزام لڳايو هو جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا ٿي ويا هئا.