بينڪ مان قرض کڻي ڪاروبار ڪرڻ جي سوچ مان نڪرڻو پوندو: شمشاد اختر

ڪراچي: ناڻي واري نگران وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته بينڪ مان قرض کڻي ڪاروبار ڪرڻ جي سوچ مان ٻاهر نڪرڻو پوندو.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچيج جي تحت ڪيپٽل مارڪيٽ جي مستقبل کي بااختيار بنائڻ جي لاءِ آئي پي او سمت 2024ع تقريب کي خطاب ڪندي نگران ناڻي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته چيلنجز جي باوجود اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اصلاحات آندي. هلندڙ مالي سال زرعي ترقي جي شرح 5 سيڪڙو کان وڌيڪ رهندي. جڏهن ته صنعتي ترقي 2 سيڪڙو کان وڌيڪ رهندي. وڌيڪ وياج جي شرح ۾ ڪيپٽل مارڪيٽ بهتر پرفارم نٿي ڪري سگهي.

ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته ملڪ جي معيشت جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي. آءِ ايم ايف جي ٻئي قسط سان اسٽيٽ بينڪ جا ذخيرا 9.10 ارب ڊالر ٿي ويا آهن. ٻاهرين سرمائيڪاري جي بنياد رکي رهيا آهيون. رڪارڊ مهانگائي عالمي سطح تي ڏٺي وئي. عالمي حالتون اسان جي مارڪيٽ تي اثر انداز ٿيون آهن. اسان جي بينڪن جي قرضن جي فنانسنگ جي مائينڊ سيٽ مان نڪرڻو پوندو. اسان کي ڪيپٽل مارڪيٽ، شفافيت، ايشوورز ۽ سرمائيڪارن جو جائزو وٺندا آهيون

هن چيو ته ايف بي آر جا اسٽرڪچرنگ کان 10 ٽريلين روپيه حاصل ڪري وٺنداسين. معيشت تي ڀروسو بحال ڪرڻ جي پاليسي جا ثمر حاصل ٿي رهيا آهن. اسان کي وياج جي شرح تي اچڻو پوندو. حڪومتي آمدني 10 هزار ارب روپيه رهندي. ڪيپيٽل مارڪيٽ سخت وياج جي شرح تي ترقي نٿي ڪري سگهي. بينڪ مان قرض کڻي ڪاروبار ڪرڻ جي سوچ مان نڪرڻو پوندو.

نگران وفاقي وزير چيو ته سرمائيڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ بينڪنگ سيڪٽر تي ڀاڙڻ واري پاليسي کي گهٽ ڪرڻو پوندو. هن وقت اسٽاڪ مارڪيٽ جي سرمائي کي حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. 15 سالن ۾ پهريون ڀيرو 2023 ۾ صرف هڪ آئي پي او ٿيو آهي جنهن سان ڪمپني اسٽاڪ مارڪيٽ ذريعي 435 ملين روپين جي سرمائيڪاري حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته سرمائيڪارن جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن وقت 2 لک انويسٽرز آهن. ٽي بلز ايلڊ جو پاليسي ريٽ کان گهٽ ٿيڻ خوشي جوڳو آهي. اسٽيٽ بينڪ اختيارين جي به سوچ آهي ته وياج جي شرح گهٽ هجڻ گهرجي. وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جو تعلق مهانگائي جي شرح سان آهي.