لاهور: عالمي شهرت يافته اداڪاره صبا قمر کي شوٽنگ جي دوران طبيعت خراب ٿيڻ تي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.
اداڪاره هن وقت هڪ نجي ٽي وي چينل تان نشر ٿيل ڊرامي پامال جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي انهي ڊرامي جي شوٽنگ اسلام آباد ۾ ڪئي پئي وڃي.
انهي حوالي سان مختلف ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته اداڪاره سيٽ تي ڊرامي جي شوٽنگ ۾ مصروف هئي ته سندس اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي جنهن تي کيس فوري طور تي علاج جي لاءِ اسپتال روانو ڪيو ويو.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته وقت تي علاج ٿيڻ سبب صبا قمر جي طبيعت ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ هاڻ انهي جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، هوڏانهن اداڪاره سوشل ميڊيا تي اسٽوري ذريعي پنهنجي صحت بابت اپڊيٽ به شيئر ڪئي.
اسٽوريز ۾ اداڪاره کي ميڊيڪل ٽيم سان گڏ ڏسي سگهجي ٿو. جڏهن ته اداڪاره پنهنجي اڪائونٽ تي مختلف اسٽوريون به شيئر ڪيو جنهن ۾ سندس چاهيندڙن طرفان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي.