اليڪشن ڪميشن رجسٽرڊ سياسي پارٽين جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن رجسٽرڊ سياسي پارٽين جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.

اليڪشن ڪميشن رجسٽرڊ سياسي پارٽين جا تفصيل جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ 175 سياسي پارٽيون رجسٽرڊ آهن

اليڪشن ڪميشن پاران رجسٽرڊ سياسي پارٽين جي تفصيل ۾ مسلم ليگ(ن) پيپلز پارٽي پارليامينٽريز، پاڪستان پيپلز پارٽي، جمعيت علماءِ اسلام، پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ قومي وطن پارٽي شامل آهن.

ان کان علاوه نيشنل پارٽي، بي اين پي مينگل، مسلم ليگ(ق) مسلم ليگ جوڻيجو، مسلم ليگ فنڪشنل، عوامي مسلم ليگ، بلوچستان عوامي پارٽي، پختونخواهه ميپ، عوامي نيشنل پارٽي، قومي وطن پارٽي ۽ جمهوري وطن پارٽي سميت ٻيون پارٽيون شامل آهن.