خيرپور: چونڊڪو ڀرسان نارا ڪينال ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا ٻڏي ويا آهن. جنهن کان پوءِ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت 5 ڄڻن کي بچائي ورتو آهي، جڏهن ته ٻين جي ڳولا جو سلسلو جاري آهي.
ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ڳوٺ چڀڙ شر جا رهواسي شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڳوٺ جمال الدين طرف وڃي رهيا هئا ته سندن ٻيڙي اوچتو اونڌي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا ٻڏي ويا. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت 5 ڄڻن کي بچائي ورتو آهي
ٻڏي ويلن ۾ راجا شر، مصري، سالڪ، بخش علي، جمعو شر ۽ ٻيا شامل آهن. کينواري پوليس موجب ٻڏي ويلن جي ڳولا جو سلسلو جاري آهي.
ڳوٺاڻن موجب اطلاع ڏيڻ جي باوجود ضلعي انتظاميه طرفان ٻڏي ويل ماڻهن جي ڳولا ۾ ڪنهن به قسم جي مدد نه ڪئي وئي آهي. پنهنجي مدد پاڻ تحت 5 ڄڻن کي بچايو ويو آهي جڏهن ته انتظاميه طرفان ڪنهن به قسم جي مدد نه ڪئي وئي آهي.