نيويارڪ : انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) آسٽريليا جي ٽم ڊيوڊ تي ويسٽ انڊيز خلاف پنجين ٽي 20 آءِ ۾ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڏنڊ هنيو آهي. آءِ سي سي موجب، ٽم ڊيوڊ تي آءِ سي سي ضابطه اخلاق جي ليول ون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڏنڊ هنيو ويو آهي.ٽم ڊيوڊ تي سندس ميچ فيس جو 10 سيڪڙو جرمانو ڪيو ويو آهي ۽ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي هڪ ڊيميرٽ پوائنٽ پڻ ڏنو ويو آهي.آءِ سي سي موجب، ٽم ڊيوڊ پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪندي سزا قبول ڪري ورتي آهي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته ٽم ڊيوڊ ويسٽ انڊيز خلاف آسٽريليا جي بيٽنگ دوران امپائر جي وائيڊ نه ڏيڻ جي فيصلي تي پنهنجي ناراضگي جو اظهار ڪيو هو.