اسلام آباد: بجلي شعبي جي گردشي قرض ۾ وڏي گهٽتائي ڏٺي وئي آهي.پاور ڊويزن جي عملدارن موجب، بجلي شعبي جي گردشي قرض ۾ 700 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي آهي ۽ گردشي قرض 2,300 ارب رپين کان گهٽجي 1,600 ارب رپيا ٿي ويو آهي.بجلي عملدارن موجب، گردشي قرض ۾ گهٽتائي جو سبب بجلي جي نقصانن ۾ گهٽتائي ۽ ڊسڪوز مان وصولي ۾ بهتري آهي، جڏهن ته آءِ پي پيز سان معاهدن تي بچت پڻ شروع ٿي وئي آهي.ٻئي طرف، سومر تي، نيپرا سال 2024-25 جي چوٿين ٽه ماهي جي ترتيب لاءِ درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪئي ۽ فيصلو محفوظ ڪيو.رپورٽ موجب، ڊيٽا جي تفصيلي جائزي کان پوءِ فيصلو جاري ڪيو ويندو ۽ ٽه ماهي جي ترتيب تحت بجلي 1.80 رپيا سستي ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته هي رليف ڪي-اليڪٽرڪ تي به لاڳو ٿيندو.