فاطمه ڀٽو جي آمريڪا ۽ اولهه ميڊيا تي ڇتي تنقيد

فاطمه ڀٽو آمريڪا ۽ اولهه ميڊيا جي فلسطين بابت ٻٽن معيارن تي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي

ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ فاطمه ڀٽو چيو ته ڇا نيويارڪ ٽائيمز ۽ بي بي سي جهڙا وڏا خابرو ادارا ان حقيقت کي لڪائڻ لاءِ تيار آهن ته الشفا اسپتال تي بمباري جي صورت ۾ اسرائيل ذميوار هو؟

فاطمه چيو ته ڇا اسرائيل بنا ڪنهن مداخلت جي غزه ۾ حملا ڪري ماڻهو مارڻ لاءِ مواصلاتي رابطا بند ڪيا آهن؟ ڇا وائيٽ هائوس چوندو ته بليڪ آئوٽ دوران ڪو به فلسطيني نه ماريو ويو آهي؟