ڪرپشن ڪيس: پرويز الاهي ۽ مونس الاهي خلاف نيب ريفرنس تيار

لاهور: ترقياتي منصوبن ۾ ڪرپشن ۽ ڪڪ بيڪس جي الزامن تحت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ سندس پٽ مونس خلاف نيب ريفرنس تيار ڪري ورتو آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پرويز الاهي جي وڏ وزارت دوران سندس پٽ جي اثاثن ۾ اضافو ٿيو آهي

نيب ذريعن ٻڌايو ته گجرات ۾ ترقياتي منصوبن ۾ ڪرپشن ۽ ڪڪ بيڪس جي الزامن ۾ پي ٽي آءِ جي صدر پرويز الاهي ۽ سندس پٽ مونس الاهي سميت ٻين خلاف نيب ريفرنس تيار ڪري ورتو آهي، ريفرنس ۾ پرويز الاهي، مونس الاهي، محمد خان ڀٽي سميت 6 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي

ذريعن ٻڌايو ته پرويز الاهي وڏي وزير جي حيثيت سان گجرات لاءِ 72 ارب جا ترقياتي پيڪيجز ڏنا ۽ قانون جي ابتڙ سمورن ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏني ۽ ڪڪ بيڪس ورتا

ذريعن موجب پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي لاڳاپيل اختيارين سان ميٽنگ ڪري ڪڪ بيڪس جا شيئر طئه ڪيا ۽ پيءُ جي وڏ وزارت دوران سندس اثاثن ۾ اضافو پڻ ٿيو