ملير ضلعي سميت ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا

ڪراچي:ملير ضلعي  سميت ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا .ان ڏس ۾ رات دير سان ملير ضلعي جي گلشن حديد، ڀينس ڪالوني  ۽ قائد آباد وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جي مرڪز  موجب زلزلي جي شدت 3.1 رڪارڊ ڪئي وئي،زلزلي جو ٻڌي شهري گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، زلزلي جا لوڏا کوکرا پار ۽ ٻين علائقن ۾ به محسوس ڪيا ويا .