فرخ حبيب به تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي اهم اڳواڻ فرخ حبيب به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته مان اڄ کان استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري رهيو آهيان.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي ساڍا 3 سال حڪومت ۾ رهڻ دوران ڪم جو موقعو مليو پر هو ڪجهه به نه ڪري سگهيو. جنهن کان پوءِ کيس آئيني طريقي سان عدم اعتماد ذريعي هٽايو ويو جنهن تي هن پرامن جي بجاءِ پرتشدد ۽ مزاحمت جو رستو اختيار ڪيو

فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته 9 مئي جي افسوسناڪ واقعي کان پوءِ اسان پنهنجي گهرن کان پري رهياسين. 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو غلط هو. مان اڄ کان تحريڪ انصاف ڇڏي رهيو آهيان.

هن چيو ته منهنجي جهانگير ترين سان ملاقات ٿي آهي. اڄ جي هن پريس ڪانفرنس ذريعي مان استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري رهيو آهيان. منهنجو هاڻ تحريڪ انصاف سان ڪوبه واسطو نه آهي.