مريم نواز جي پٽ جنيد ۽ سندس گهرواري عائشه ۾ عليحدگي ٿي وئي

لنڊن: ن ليگ جي سينئر نائب صدر مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر ۽ سندس گهرواري عائشه وچ ۾ عليحدگي ٿي وئي.جنيد صفدر ۽ عائشه سيف 2021ع ۾ شادي ڪئي هئي پر هاڻ ٻنهي وچ ۾ عليحدگي ٿي وئي آهي.ان ڳالهه جي تصديق پاڻ جنيد صفدر انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري پوسٽ ڪري ڪئي.جنيد صفدر لکيو ته منهنجي طلاق جي حوالي سان هلندڙ خبرون سوچيون آهن، اهو انتهائي نجي معاملو آهي، تنهن ڪري منهنجي ميڊيا کي درخواست آهي ته اسان جي پرائيويسي جو خيال رکيو وڃي.هن وڌيڪ لکيو مون کي اميد آهي ته ان فيصلي سان اسان ٻنهي کي سڪون ملندو، انشاءَالله ان بابت وڌيڪ ڪجهه نه چوندس.گڏوگڏ هن عائشه لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.