نگران حڪومت سنڌ ۾ جعلي ڀرتين خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ڇڏيو، نگران حڪومت طرفان اسڪولز ۾ غيرحاضر استادن جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن، استادن جي ڀرتين جي ڊيٽا جمع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي
نوٽيفڪيشن موجب اسڪولز ڊائريڪٽر استادن جي ڊيٽا 15 ڏينهن ۾ جمع ڪري رپورٽ پيش ڪن، استادن جو وڏو انگ سرڪاري اسڪولز مان غيرحاضر آهي
تعليم واري نگران صوبائي وزير رعنا حسين چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ استادن جي اپائنمنٽ ۽ تعليم بابت جاچ ڪئي ويندي ۽ گوسڙو استادن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويندو
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته ڊائريڪٽر اسڪولز کان 5 دستاوير طلب ڪيا ويا آهن، جن ۾ سروس بڪ، پهرين پگهار جي سلپ، ايڪسپلينيشن ليٽر، اين او سي ۽ حاضري رپورٽ شامل آهن
رعنا حسين جو چوڻ هو ته نون استادن جو وڏو انگ نقرريءَ جو منتظر آهي، جن کي جوائننگ ڏيڻي آهي، ان ڪري گوسڙو ۽ ڪم چور استادن کي برطرف ڪري نون استادن کي مقرر ڪنداسين