ورلڊ ڪپ: محمد رضوان مين آف دي ميچ جو ايوارڊ فلسطينين جي نالي ڪري ڇڏيو

لاهور: آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪا خلاف رڪارڊساز سوڀ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ وڪيپٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين محمد رضوان پنهنجو ايوارڊ غزه جي مظلوم فلسطينين جي نالي ڪري ڇڏيو.

گذريل ڏينهن ورلڊ ڪپ جي  ميچ  ۾ سريلنڪا خلاف تاريخي سوڀ ماڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ محمد رضوان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي لکيو ته مان مين آف دي ميچ جو ايوارڊ غزه جي پنهنجن ڀيڻ ڀائرن جي نالي ڪريان ٿو.

هن وڌيڪ چيو ته قومي ٽيم جي سوڀ ۾ حصو وٺڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. ٽارگيٽ  کي آسان ڪرڻ تي پوري قوم ۽ خاص طور تي عبدالله شفيق ۽ حسن علي اهم ڪردار ادا ڪيو هو.

محمد رضوان پنهنجي پيغام ۾ حيدرآباد دکن جي عوام جو به خصوصي ٿورو ادا ڪندي چيو ته حيدرآباد جي عوام بهترين ميزباني ڪئي ۽ مڪمل طور تي سپورٽ ڪيو.